ٽنڊو الهيار جي اسڪول ۾ راندين جو هفتو


ٽنڊو الهيار:راندين جي هفتي جي سلسلي هاء اسڪولن وچ ۾ ڪرڪيٽ جي مقابلي جو آخري مئچ گورنمينٽ هاءِ اسڪول مبارڪ جروار ۽ گورنمينٽ پراونشلآئيزڊ هاء اسڪول ٽنڊوالهيار وچ ۾ ٿيو. زبردست مقابلي بعد هاء اسڪول مبارڪ جروار مئچ کٽيو. ڊسٽرڪٽ ايڊيوڪيشن آفيسر ايليمينٽري سيڪنڊري هاير سيڪنڊري ٽنڊوالهيار سائين مٺو اوڏ صاحب ٻنهي ٽيمن کي انعام ڏنو. هن تقريب ۾ سائين رشيد احمد بوزدار صاحب تعلقه ايڊيوڪيشن آفيسر ٽنڊوالهيار ،سائين محمد قاسم ڪالرو تعلقه ايڊيوڪيشن آفيسر جهنڊو مري، عبدالله جروار، سائين ارجن داس ،سائين محمد حسن جروار هيڊماستر مبارڪ جروار ، عبدالستار ميمڻ هيڊماستر هاء اسڪول نصرپور ،سائين نثار جروار ٻين استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سائين مٺو اوڏ هن ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺندڙ ٽيمن، استادن کي تعريفي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا. اهڙي طرح هي ٽورنامينٽ خوش اسلوبيءَ سان پڄاڻي تي پهتي.


Comments

Post a Comment