پي ٽي آءِ جي ڳواڻ حليم عادل شيخ جي جلال محمود شاھ سان ملاقات، سنڌ جي معاملن تي ڳالهيون


ڄامشورو: پاڪستان تحريڪ انصاف جو آڳواڻ حليم عادل شيخ ڄامشورو سيد جلال محمود شاھ  وٽ پهچي ويو، پي ٽي آئي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ۽ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر حليم عادل شيخ سيد جلال محمود شاهہ سان ملاقات ڪئي ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون، جنهن بعد پي ٽي آئي سنڌ جو جنرل سيڪريٽري ۽ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر حليم عادل شيخ مبينا طور تي چپس واپرائڻ بعد فوت ٿيل ٻارڙي جي گهر پهچي ويو، حليم عادل شيخ گذريل ڏينهن چپس واپرائڻ سبب فوت ٿيل عمر ملاح جي والد سان تعزيت ڪئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ هي اسان جا ٻار هئا دل رت سان ڀرجي وئي آهي هتي سسٽم خراب آهي ٻئي عليزا لاء دعاڳو آهيون هن چيو تہ فوڊ اٿارٽي ڀتو وصول ڪرڻ ۾ مصروف آهي ٻارن کي ايمرجنسي لاء وينٽيليٽر موجود ناهي ان وڌيڪ چيو تہ وزير اعلي سنڌ جو ضلعو آهي پر حالات سڀني جي سامهون آهن هي عوام جي پيسن ۾ ڪرپشن ڪندا ته هي سنڌ جا حال هوندا.

Comments

Popular Posts