آمریڪا جو بيجنگ تي الزامن جو سلسلو جاري، چين جي ترديد

 آمريڪا پنهنجي حرڪتن کان باز نہ آيو هن چين تي وري هڪ ٻيو الزام لڳائي ڇڏيو آهي، آمريڪا جي انصاف واري وزارت چين مٿان الزام هنيو آهي تہ چين دنيا جي سڀني کان وڏن هرڪرن جي مدد ڪري رهيو آهي ۽ آمريڪي ڪمپنين جي ڊيٽا چوري ڪرائي رهي آهي، آمريڪا جي انصاف واري وزارت الزام هڻندي چيو آهي تہ آمريڪي جي نجي ڪمپنين، حڪومتي ايجنسين جي نيٽ ورق تائين پهچڻ ۾ 2 چيني شهرين تي هيڪنگ جو الزام ثابت ٿيو آهي، چيني هيڪرن تي اهو بہ الزام هنيو ويو آهي تہ آمريڪا جي تحقيقاتي اداري ناسا ۽ آمريڪي بحريا جي ويب سائيٽن کي هيڪ ڪرڻ سان گڏوگڏ مرڪزي بينڪن سميت 12 ملڪن جي ڪمپنين جي سسٽم کي هيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي هوڏانهن چين پاران الزام جر ترديد ڪئي آهي ۽ چيني حڪومت جو چوڻ آهي تہ واشنگٽن پاڻ سچائي کي لڪائي چين کي بدنام ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. 

Comments

Popular Posts