آمريڪي معيشت وزن ٿي ويل ديوار


تحرير وقاص کوسو
آمريڪا ۽ ميڪسيڪو جي وچ ۾ ديوار اڏڻ جو خواهشمند آمريڪي صدر  ڊونلڊ ٽرمپ ۽ آمريڪي ادارن تي آيل ڏکيا ڏينهن ۽ انهن جو سبب بڻيل آهي هڪ ديوار جيڪا آمريڪي شهر حڪومبا  کي پڻ تباهه ڪري چڪي آهي
آمريڪا  ۽ ميڪسيڪو جي سرحد تي آباد هڪ خوشحال شهر حڪومبا آهي جيڪو ڪنهن زماني ۾ پنهنجي ڪاروبار ۽ رونقن جي ڪري تمام خوشحال علائقو هو,جنهن جي تباهي جو سبب هڪ دلچسپ هاءِ وي آهي جنهن کي باءِ پاس ڪري اتان جون رونقون ختم ڪيون ۽ اتي جو واپار ۽ ڪاروباري سرگرميون ٺپ ٿي ويون، مٿان وري ڪجهه سال اڳ آمريڪي صدر ٽرمپ دهشتگردي ۽ ٻيا جواز ڄاڻائيندي حڪومبا ۽ ميڪسيڪو کي ڌار ڪرڻ  لاءِ هڪ ديوار ٺهرائڻ جو اعلان ڪيو جنهن ديوار آمريڪي خوشحال شهر حڪومبا کي وڌيڪ تباهه ڪيو ڇوته هن شهر جو ٿورو گهڻو جيڪو ڪاروبار ٿيندو اهو به  ميڪسيڪو جي ننڍي ڳوٺ حڪومي جي ڪري ٿيندو هو.
اردو https://youtu.be/4YDXd3Q1x_8
https://youtu.be/KHp0ASGfej0


 آمريڪي شهر۽ ميڪسڪو جي ڳوٺ جي وچ ۾ لوهه جي ديوار ڏني وئي ديوار کان پهرين بارڊر پيٽرول (پوليس)کان پڇي ماڻهو هڪ ٻئي ڏانهن ايندا ويندا هئا پر ديوار کان پوءِ ڄڻ اهي رشتا ٽٽي ويا،اڳ مقامي ماڻهو هڪ ٻئي جي خوشين ۽ غمن ۾ شريڪ ٿيندا هئا پر هاڻي ديوار جي ويجهو عام ماڻهن کان وڌيڪ بارڊر پوليس وارا ڏسبا آهن ان ديوار جي باري ۾ سياحت سان لڳاءُ رکندڙ آمريڪين جو چوڻ آهي ته هزارين ٽن لوهه سان هن خوبصورت وادي جي حسناڪين کي برباد ڪيو ويو آهي،هڪ آمريڪي شهري ته هن ديوار بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته ” ڇا سياستدان جا فيصلا درست ٿي سگهن ٿا“ ديوار اچڻ بعد حڪومبا جي ماڻهن لڏپلاڻ ڪئي،هن خوبصورت شهر جي آبادي ماضي ۾  تمام گهڻي هئي پر ديوار بعد هتي ڪو پنج سو ماڻهو ئي مس رهن ٿا



ڇا ٽرمپ جي ديوار غير قانوني ايندڙ ماڻهن جي چرپر کي روڪي سگهي اهي،هن ديوار جي ڪري ان چرپر ۾ گهٽتائي ته ضروري آئي آهي پر هڪ بهتر مستقبل جي تلاش ۾ ميڪسيڪو جا ماڻهو پٿريلن ڏکين رستن مان لنگهي آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا، ان سلسلي ۾ اتي هڪ دڪان هلائيندڙ عورت جو چوڻ آهي ته مون وٽ ڪيترائي ڀيرا هُن پار جا ماڻهو آيا آهن مون جن کي ماني ۽ پاڻي پياريو ۽ وس آهر هن جي مدد به ڪئي،ان عورت جو ٽرمپ کي پيغام هو ته اسان اڳ جيڪي نفرتن جون ديوارون  بيهاريون آهن اهي ئي ڪافي آهن،اسان کي ديوارن جي نه پر همدردي،قبوليت ۽ محبت جي ضرورت آهي.مقامي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو ئي هن فيصلي سان سهمت آهن،جيڪي سرحدن کي ملڪ جو اهڃاڻ سمجهن ٿا.
هن ديوار ٻين وڏين ديوارن سان ڀيٽ
تاريخ اهڙين ڪيترن ئي مثالن سان ڀريل آهي جو ٻن ملڪن کي اڳ ڪرڻ لاءِ ديوارون ٺاهيون ويون

ٽرمپ آمريڪا ۽  ميڪسيڪو کي ڌار ڪرڻ لاءِ 3 هزار ڪلوميٽر تي مشتمل هڪ سرحدي لوهي ديوار ٺهرائي رهيو آهي،جيڪا 9 کان 16 ميٽر اوچي هوندي.


هن ديوار جي ٻين ديوارن سان ڀيٽ ڪبي ته لاڳت ۽ ماپ جي لحاظ کان سڀ کان پهرين اسان ڳالهه ڪنداسين ديوار برلن جي،جيڪا 27 سال اڳ ٽوڙي وئي،ديوار برلن جي تاريخ کي کڻي ائين چئي سگهجي تو ته 1950 کان 1960 جي ڏهاڪي ۾ جڏهن جرمني ٻن حصن ۾ ورهايل هو ته سوويت يونين جي ڪنٽرول هيٺ علائقي کي الڳ ڪرڻ لاءِ آگسٽ 1961ع ۾ هڪ ڪنڊيدارتار لڳائي سرحد ٺاهي رڪاوٽ بڻائي وئي جيڪا اڳتي هلي ڪنڪريٽ سان ٺهيل ساڍا 3 ميٽر اوچي ديوار ۾ تبديل ڪئي وئي جنهن جي ڊيگهه 100 ڪلوميٽر هئي جنهن جرمني کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو


ديوار چين جي اصل ڊيگهه جي ته ڪنهن کي به خبر ناهي پر اهو خيال ڪيو وڃي ٿو ته 20هزار ڪلوميٽر ڊگهي آهي جيڪا ڪجهه هنڌن تي اوچائي م 7 ميٽر کان به وڌيڪ آهي

122ع ۾ تعمير هيڊرائن ديوار انگلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ جي بادشاهه ايمپررهيڊرائن ٺهرائي هئي جنهن جي ڊيگهه 117 ڪلوميٽر ۽ اوچائي ڊبل ٽريل بسن جيتري هوندي.
هن ديوار آمريڪي معشيت کي پٺ سان لڳائي حڪومتي ڪاروهنوار متاثر ڪيو آهي،آمريڪي بچيٽ جي هن وقت تائين آمريڪا ۽ ميڪسيڪو کي ديوار جيڪا ٻنهي ملڪن کي الڳ ڪرڻ ڪرڻ لاءِ تيار ڪرائي پئي وڃي ان آمريڪي معيشت کي ڌڪ رسايو آهي ان ديوار جي خرچ جي ڪري هن وقت تائين ملڪي بجيٽ  منظور ٿي نه سگهي آهي جنهن ڪري قومي سلامتي، زراعت، ٽرانسپورٽ، رياستي ۽ انصاف ڏيندڙ ادارن کي پنهنجو ڪم بند ڪرڻو پوندو ڇو ته گذريل جمع جي شام تائين ايوان نمائندگان کي بجيٽ جي منظوري ڏيڻي هئي، پر هو متفق ٿي نه سگهيا ۽ اجلاس بغير نتيجي جي ختم ٿي ويو، ڇو ته ٽرمپ بضد آهي تہ بجيٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 ارب ڊالر هن ديوار جي لاءِ رکيا وڃن جيئن هو پنهنجي خواهش پوري ڪري سگهي ان جهيڙي جي ڪري گذريل جمع ۽ ڇنڇر جي رات وفاقي ادارن کي ملندڙ رقم جي منتقلي ٿي نه سگهي، جنهن جي ڪري ادارن کي ڪم ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿي هلندڙ سال 2018 ۾ هي ٽيون ڀيرو آهي جو حڪومتي ادارن کي جزوي طور ڪم ڪرڻ ۾ مشڪلاتون پيش آيون آهن،جيڪڏهن 
اهڙي صورتحال رهي ته ڄاڻايل ادارن جي ملازمن کي بغير پگهار جي ڪم ڪرڻ پوندو يا ته ڪجهه ڏينهن ڪرڻي پوندي
https://youtu.be/---OX3cNabE
هوڏانهن آمريڪي صدر هن سڄي صورتحال جي ذميواري ڊيموڪريٽڪ پارٽي مٿان مڙهي آهي جڏهن ته ڪجهه سينيٽرن وري معاملي جو ذميوار ٽرمپ جي ”گرم مزاج“ کي قرار ڏنو آهي، ياد رهي ته ڪجھ ڏينهن اڳ ايوان نمائندگان هڪ عارضي بل جي منظوري ڏني جنهن ۾ وفاقي ادارن کي 8 فيبروري تائين ڪم هلائڻ لاءِ فنڊ منظور ڪيو ويو، جنهن ۾ هن ديوار لاءِ هڪ ڊالر به نه رکيو ويو آهي جنهن جي ڪري پڻ ٽرمپ کي ڊيموڪريٽڪ پارٽي پاران تنقيد کي منهن ڏيو پيو نه رڳو ايترو پر ٽرمپ جي حامين ۽ ريپبلڪ پارٽي جي نمائندن به ٽرمپ کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي، جنهن کانپوءِ آمريڪي صدر جي موقف ۾ اڃا به وڌيڪ سختي اچي وئي آهي. جيڪڏهن جنوري تائين بل جي منظوري نه ٿي ته ٽرمپ کي اڃا وڌيڪ ڏکيائي پيش ايندي ڇو ته جنوري بعد مسٽر ٽرمپ جي ريپبليڪن پارٽي بدران ايوان  جو اختيار ڊيموڪريٽڪن وٽ اچي ويندو هن وقت تائين ايوان نمائندگان ميڪسيڪو ۽ آمريڪا جي سرحد تي ٺهندڙ ديوار لاءِ پنج عشاريه ست ارب ڊالر جي ڏئي چڪي آهي، اهو بل ٽرمپ تائين پهچڻ کان اڳ سينيٽ ۾ ويندو جتي سادي اڪثريت 60 ميمبرن جي منظوري سان هي بل پاس ٿيندو جڏهن ته ريپبلڪن پارٽي وٽ سينيٽ ۾ 55 ميمبر آهن.
جنوري بعد ايوان نمائندگان ۾ وڏي تبديل ايندي ڊيموڪريٽڪ جي اڪثريت ٿي ويندي جنهن بعد ٽرمپ لاءِ هن ديوار لاءِ فنڊ منظور ڪرائڻ جا دروازا بند ٿي ويندا.
https://youtu.be/qjS4WkM7-0I
اهڙي صورتحال بعد ڇا ٽرمپ پنهنجي هن منصوبي کان هٿ کڻي ويندو اڪثر تجزيا نگارن جو چوڻ آهي ته مسٽر ٽرمپ کي هي ڪڙي گوري کائڻي پلندي 


Comments

Popular Posts