سنڌ ۾ گورنر راڄ يا ان هائوس تبديلي.....؟


وقاص کوسو 
ڇا سنڌ هڪ ڀيرو ٻيهر گورنر جي راڄ جي نگراني ۾ وفاق جو وائسراءِ هلائيندو، جي آءِ ٽي جي رپورٽ بعد وفاق پاران سنڌ جي حڪومت کي ٽف ٽائم ڏيڻ لاءِ لڳي ٿو پڪو منصوبو جوڙيو ويو آهي، ڇاڪاڻ تہ هڪ پاسي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن پاران ڊوڙ دڪ تيز ڪئي وئي آهي تہ وري ٻئي پاسي وري سنڌ ۾ حڪمراني ڪندڙ پيپلزپارٽي بہ اڄ پنهنجو اجلاس بلاول هائوس ۾ گهرايو جنهن ۾ هڪ تہ اهي خبرون سامهون اچي رهيون آهن تہ وزارت اعلي' ڄامشورو کان ڦري سکر کي ڏنو پيو وڃي، هاڻ تہ ميڊيا تي اهو بہ هلي رهيو آهي تہ پ پ ناصر شاهہ کي وڏو وزير بڻائڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي، هوڏانهن پي ٽي آءِ جي اڳواڻ حليم عادل شيخ علي گوهر مهر سان ملاقات ڪئي آهي ۽ اهي بہ خبرون اچي رهيون آهن تہ گورنر پڻ پنوعاقل پهچي ساڳئي ئي صاحب سان ملاقات ڪئي آهي ميڊيا تي هاڻي اهو بہ عام ٿي ويو آهي تہ سکر واري شاهہ جي مقابلي لاءِ پنوعاقل جي مهر کي پي ٽي آئي گرين سگنل ڏئي ڇڏيو آهي حليم عادل شيخ اها بہ دعوي' ڪئي آهي تہ پ پ ڪجهہ ميمبر فارورڊ بلاڪ ٺاهڻ لاءِ تيار آهن جيڪي پي ٽي آئي جي سنڌ ۾ حمايت ڪندا، سنڌ ۾ گورنر راڄ جو ڪو امڪان ناھي اسيمبلي قائم آ باقي پ پ جي ميمبرن شھيد راڻي پينل ٺاھي ان ھائوس تبديلي آندي ته ڇا ٿو ڪري سگھجي
سڀاڻي وفاقي وزير فواد چوڌري بہ ڪراچي پهچي رهيو آهي جنهن جو ڪراچي دورو ان حوالي سان نهايت اهميت وارو آهي 
هاڻي هڪ پاسي اهي ان ھائوس تبديلي جون ڳالهيون رهيو آهن تہ ٻئي پاسي وري سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جون خبرون هلي رهيون آهن جيتوڻيڪ پي ٽي آئي پاران ان خبرن جي ترديد ٿي رهي آهي پر موجوده صورتحال مان لڳي ٿو تہ ايندڙ ڪجھ ڏينهن ۾ سنڌ ۾ تبديلي ضرور ايندي.
ملڪ ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جي مختصر تاريخ 
جيڪڏهن سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪيو وڃي ٿو تہ اهو ڪو پهريون ڀيرو نہ ٿيندو ان کان اڳ شهيد ذوالفقار علي  ڀُٽي نيپ عطاالله مينگل جي بلوچستان سرڪار ختم ڪئي ۽ گورنر راڄ مڙهيو هو، پنجاب ۾ 2009ع پ پ پ سرڪار سلمان تاثير وسيلي گورنر راڄ هنيو ميان نواز شريف وري 1997ع ۾ لياقت جتوئي سرڪار ختم ڪري سنڌ مشير اعظم غوث علي شاه وسيلي هلائي1، جڏهن تہ 1999ع کان 2002ع تائين سنڌ گورنر معين حيدر وسيلي مشرف حڪومت هلائي، 
ملڪ ۾ گورنر راڄ جي  روايت ڪنهن وڌي؟ 
جيڪڏهن گورنر راڄ غيروايتي ڳالھ آهي تہ پهريون ڀيرو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عطا الله مينگل جي چونڊيل حڪومت ختم ڪئي آصف علي زرداري شهباز شريف جي عوام جي ووٽن سان چونڊيل حڪومت ختم ڪري چڪو آهي، ان ڪري هن ڀيري پ پ وارا ايڏي واويلا ڇو ڪري رهيا آهن. 

Comments

Popular Posts