امريڪي جي شٽڊائون ٻئي هفتي ۾ داخل، ٽرمپ بہ هوڏ تي بيٺل، معيشت جو ڏيوالو نڪرڻ تي؟

   

آمريڪا ۾ تڪراري آمريڪا ۽ ميڪسيڪو ديوار سبب بجيٽ منظور نہ ٿي، شٽ ڊائون ٻئي هفتي ۾ داخل ٿي ويو آهي، هوڏانهن تڪراري ديوار کي ٽرمپ  پنهنجي انا جو مسئلو بڻائي ڇڏيو آهي، جڏهن تہ ايوان نمائندگان مان بجيٽ منظور نہ ٿيڻ ڪري آمريڪا ۾ وقافي ادارا سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، هڪ پاسي آمريڪا اهڙين ڏکين حالتن کي منهن ڏئي رهيو آهي تہ ٻئي پاسي ڊونلڊ ٽرمپ ان ڳالهہ تي بضد آهي تہ هو هر حال ۾ پنهنجي انا ڱي ڏئي ديوار واري منصوبي ٺاهيندو.
ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر ڌمڪي ڏيندي چيو آهي تہ جيڪڏهن ڪانگريس ديوار لاءِ فنڊ نه ڏنا تہ آمريڪا ميڪسيڪو سان ملندڙ پنهنجي ڊگهي ديوار بمد ڪري ڇڏيندو.
ٽرمپ پنهنجي جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ لاطيني آمريڪا جي ملڪن هنڊورائس، گونتي مالا ۽ ٻين ملڪن تي الزام مڙهيو آهي تہ انهن ملڪن غير قانوني طور ايندڙ پرڏيهين کي روڪڻ لاءِ ڪا ڪي بہ حاطر خواهہ قدم نہ کنيا آهن آمريڪي صدر جو هي ٽوئيٽ ان وقت جاري ڪيو ويو آهي جڏهن آمريڪي شٽڊائون کي 2 هفتو ٿي رهيو آهي.ٽرمپ ڌمڪي ڏيندي چيو آهي تہ يا ديوار ٺهندي يا وري ميڪسيڪو جي سرحد مڪمل طور بند ڪئي ويندي.
آمريڪا جي واپار واري وزارت جو چوڻ آهي تہ آمريڪا ۽ ميڪسيڪو جر وچ ۾ واپار ۾ روزانو 1 ارب 80لک ڊسلر جي تجار ٿئي ٿي، ديوار يا سرحد بند ڪرڻ جو مقصد واپار تان هٿ کڻڻ،
هوڏانهن ميڪسيڪو جي صدر آنڊرئي ميئوئل مطابق ديوار يا سرحد کي بند ڪرڻ وارو معاملو آمريڪا جو اندروني معاملو آهي، جنهن تي هو ڪو بہ ڪمينٽس نہ ڪندو.



آمريڪا جو ڌمڪي وارو ٽوئيٽ ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن وائيٽ هائوس ۽ ڪانگريس ۾ ديوار جي معاملي ۾ هلندڙ تڪرار سبب بجيٽ منظور نہ ٿيڻ کي 2 هفتا ٿي ويا. هاڻي آمريڪا وٽ 2 رستا آهن يا تہ ٽرمپ ديوار واري هوڏيان لهي يا وري شٽڊائون کي منهن ڏيندو رهي.
ٽرمپ جڏهن پنهنجي جارحاڻي پاليسي کي ڇڏڻ لاء تيار نہ لڳي ٿو انا کي تحسين ڏيڻ لاءِ ديوار آمريڪا جي معيشت کي پنهنجي هيٺيان ڊٻائي ڇڏيندي. 


Comments

Popular Posts