انڊونيشيا ۾ سونامي تباهر مچائي ڇڏي، 222 ماڻھو اجل جو شڪار، سوين زخمي


انڊونيشيا ۾ ڪراڪاٽوا آتش فشان جي ويجهو سمنڊ وٽ رهندڻ وارن لاءِ قيامت صغري' ان وقت آئي جڏهن گذريل ڏينهن جزيره سماترا ۽ جاوا جي سامونڊي پٽي سان اوچون سمنڊي لهرن ٽڪرايون، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 222 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا ۽ 845 ماڻهو زخمي ٿي ويا، ان کان پوءِ ڪراڪاٽوا آتش فشان جي ويجهو رهندڙ ماڻهن کي سمنڊ کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي وئي

ملڪ جي ڊزاسٽر مينجينٽ ايجبسي جو چوڻ آهي تہ سونامي جو سبب ڪراڪاٽوا آتش فشان جي ڦاٽڻ جي ڪري سمنڊ جي امدر مٽي جون وڏيون ڇپيون ڪريون آهن جنهن کي سونامي جون لهرون پيدا ٿيون جنهن ڪيترن ماڻهن کي بي گهر ڪري ڇڏيو آهي ڪيتريون ئي عمارتون ڪري پيون آهن، هوڏانهن سونامي کان پوءِ بہ جبل مان دونهون نڪرندي ڏٺو ويو آهي جنهن ڪري عوام ۾ سخت گڻتي جي لهر ڇائنجي وئي آهي جڏهن تہ علائقي ۾ امدادي ڪارروايون بہ جاري آهن.

Comments

Popular Posts