سانگهڙ ۾ سنڌ پوليس ۾ ڪانسٽيبل جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن جو آرڊر نہ ملڻ خلاف احتجاج


سانگھڙ :سنڌ پوليس ۾ 2016  ۾ ڪانسٽيبل جي ڀرتي لاءِ ٽيسٽون ٿيون جنهن ۾ اميدوارن کان ميڊيڪل سميت سڀ ٽيسٽون ورتيون ويون پر ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن کي شڪايت آهي تہ کين ٽيسٽ پاس ڪرڻ باجود پوسٽ آرڊر نہ ڏنا ويا، سانگهڙ ۾ پوليس ۾ ڪانسٽيبل جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن ٽيسٽ پاس ڪرڻ باوجود آرڊر نہ ملڻ خلاف احتجاجي مظاهروڪيو ويو ان موقعي تي اميدوارن چيو تہ اسان 2016 ۾ ٿيل پوليس ڀرتي ۾ سڀ ٽيسٽون پاس ڪرڻ باوجود به اسان کي ڀرتي ناهي ڪيو ويو، اسان کي نظر انداز ڪيو ويو آھي، هنن  آءِ جي  سنڌ کان مطالبو ڪيو تہ اسان کي آڊرز جاري ويا وڃن. 

Comments

Popular Posts