تاريخي ماڳ برهمڻ آباد

شهدادپور:سنڌ جو تاريخي ماڳ برهمڻ آباد ۽ دلوُرءِ دلور محمد بن قاسم جي فتح ڪرڻ کان پوء منصورا سڏجڻ لڳو شهدادپور کان اندازن 5 ڪلوميٽر هوندو ، هتي ڪئونروءَ جي ماڙي بہ آهي ، هتي بزرگ هستي الادين المعروف ڏاڏو ٺوڙهيو جي مزار بہ آهي جيڪو سهڻي واري ميهار جي وٿاڻ تان پنهنجي مرشد ڪريم حضرت غوث بهائودين ذڪريا جن لاء کير ملتان کڻي ويندو هئو کير جو موريو عرف ٽامي جي چوئنري مٿي رکندو هئو تہ مرشد جي دعا سان ڪڪرن کان مٿان اڏرندو هئو هڪ ڏينهن برسات پئي پر فقير جا ڪپڙا نہ پوسيا حويلي تي پهچڻ مهل ڪنهن ڀڇا ڪئي فقير هيڏي برسات ۾ بہ ڪپڙا ڪين پسيا اٿئي فقير چيو بابا آئون ڪڪرن کان مٿان آيو آهيان ، بس هو ڏينهن پر ڪٽجي ويا ، مرشد چيو ابا غيب کي ڇو زاهر ڪيئي ، بس اتان ملتان مان واپس ايندي اتي دلوراء تي وفات ڪيائين دفن بہ اتي ڪيائون ان درويش صفت انسان جو ميلو بہ لڳندو آهي.




Comments

Popular Posts