ڄامشورو ۾ زهريلي شي کائڻ سبب هڪ ٻارڙو فوت، ڀيڻ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال ۾ داخل


حيدرآباد :ڄامشورو ۾ ٿرمال پاور هائوس جي رهواسي عبدالستار ملاح جي ٻن معصوم  ٻارن همايون ستار عرف محمد عمر ۽ معصوم نياڻي عليزا ستار دڪان تان خريد ڪيل  چپس کائڻ سبب هڪ معصوم همايون ستار فوت ٿي ويو، جڏهن ته معصوم نياڻي عليزا ستار ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو آهي معصوم همايون جي اڄ ٻنپهرن جو لمس ڪالوني ڄامشورو ۾ نماز جنازه پڙهي وئي، تنهن کان پوءِ لمس جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنازي نماز ۾ ٿرمل پاور جي سِي اِي اُو محترم غلام قادر ميمڻ، حيسڪو جي ڪمپني سيڪريٽري طارق مجيد ميمڻ، گڊو پاور هائوس جي سينئر انجنيئر عارف علي سهتو، هائڊل پاور نندي پور جي ريزيڊنٽ انجنيئر غلام مرتضيِ هاليپوٽو، الائيڊ بئنڪ جي وائيس پريزيڊنٽ دريا خان لغاري سميت ڄامشورو ٿرمل جي ملازمن جي تمام وڏي انگ  جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي.

Comments

Popular Posts