پيارو اسٽيشن ۾ ساس پاران سرمد سنڌي کي ڀيٽا پيش


دادو:ادبي سنگت شاخ پيارو اسٽيشن طرفان سنڌ جي قومي راڳي سرمد سنڌي جي 22 ورسي ملهائي وئي, جنهن جي صدارت عوامي تحريڪ جي جاکوڙي ڪردار مشهور ميمڻ ڪئي، پروگرام جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي، جڏهن ته مهمان خاص ضلع رابطا سيڪريٽري گهايل لغاري, اعزاي مهمانن ۾ ساس ڦلجي اسٽيشن جو سيڪريٽري ممتاز مصطفي دوست جوهي کان ڪهي آيل زين کوسو ۽ ساس دادو سٽي جو سيڪريٽري قاسم پنهور شامل هئا,,,,
اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض ساس پيارو جي سيڪريٽري همدرد اوڏ سر انجام ڏنا، پروگرام ۾ ساس پيارو اسٽيشن جي ڪاروباري ڪاميٽي جي ميمبر وحيد ڀرڳڙي سرمد سنڌي جو تعارف پيش ڪيو,,, جڏھن ته پروگرام ۾ع عبدالرزاق بلبل، عبدالرحمن ابڙو,ممتاز پاٽائي, عبدالحميد ميمڻ, عبدالستار ڪلوئي, منظور احمد ڪلوئي,منٺار لهٻر,ثناء لهٻر, لياقت کوسو, امير کوسو,غلام حيدر عمران,تنها غلام محمد ڪلوئي,سرمد ممتاز, گلزار ڪلهوڙو اظهار ڪلهوڙو  ۽ ٻين آيل دوستن قومي راڳي سرمد سنڌي جي زندگي تي روشني وڌي ۽  پنهجي شاعري پيش ڪئي,,, پيارو اسٽيشن جي بهترينف، نڪارن ۾ فدا حسين پنهور، غلام رسول ابڙو ۽ سڪندر ملاح ڪلام پيش ڪري سنڌ جي ارڏي پٽ سرمد سنڌي کي ڀيٽا پيش ڪئي. 

Comments

Popular Posts