سنڌ کي قبائلي جهيڙن کان بچايو


جيڪڏهن سنڌ جي مٿانهن ضلعن ۾ نظر ڦيرائينداسين تہ قبائلي جهڙا، سڱاوتي تڪرار، بدلي جي باهہ جي تپش ائين محسوس ٿيندي جئين اسلام کان اڳ عرب ۾ 40 سالن تائين پيا جهيڙا هلندا هئا ائين ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد ۽ ٻين ضلعن ۾ قبائلي تڪرار هلي رهيا آهن جيڪڏهن انهن جي تفصيل معلوم ڪبي تہ پتو پوندو تہ ڪيئي انساني جانيون وٺندڙ تڪرار پٺيان ڪا ٻارن جي ڳالهہ يا وري معمولي ڪو معاملو هوندو پر جهيڙو ائين شروع ٿيندو جو نہ ٻئي ڌر جو ٻار محفوظ هوندو، نہ وري ڪو بزرگ ۽ نہ ئي ڪا نياڻي ان باهہ جي شعلن کان محفوظ هوندي ان باهہ ۾ راهگير بہ سڙندا تہ اهي ماڻهو ماريا ويندا جن جو ان سڄي معاملي سان ڪو پري پري جو واسطو بہ نہ هوندو رڳو زات يا برادري جو هجڻ ڪري کين ساڙيو ويندو.
اتر سنڌ جي مختلف ڌرين ۾ هر وقت قبائلي تڪرار هلي رهيا آهن اتي ائين ٿو لڳي تہ قانون نالي ڪا شيءِ نہ آهي،  علائقو برادرين ۾ هلندڙ جهيڙن سبب هر وقت غير محفوظ بڻيل آهي اتي پراڻن خانداني جهيڙن، زميني تڪرارن، سڱاوتي معاملن ۽ ٻين ڪيترن ئي سببن ئي ڪري مختلف برادريون هڪ ٻئي جا ماڻهو مارڻ، گهر ساڙڻ کان وٺي ڪنهن  بہ قسم جي نقصان پهچائڻ کان نہ ٿا ڪيٻائين، ان ڪري اتي رهندڙ ٻين برادرين جا ماڻهو بہ جهيڙن جي زد ۾ اچي وڃن ٿا جنهن ڪري وري انهن جي برداري بہ جهيڙن ۾ ڪاهيو پئي ائين هڪ ٻيو قبائلي شروع ٿيو وڃي.
اتي جي ساڃاهہ وندن هميشہ اها ڪوشش ڪئي آهي تہ ڪنهن بہ طريقي سان انهن جهيڙن تي ضابطو آندو وڃي پر جهيڙا گهٽجڻ بدران وڌي رهيا آهن ڪجھ ڏينهن اڳ غوثپور ۾ تيغاڻي برادري جي هٿياربندن ڏينهن ڏٺي جو ڳڙھي لاڙو انڊس هاءِ وي تي گوليون هڻي نوجوان دوست علي بجاراڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر تيغاڻي ۽ بجاراڻي تڪرار ٻيهر ڀرڪي اڀيو آهي، جنهن ڪري وري اتي جي ماڻهن جو ساهہ مٺ ۾ اچي ويو آهي.
سرڪاري سطح تي ٿوريون گهڻيون ڪوششون ٿيون تہ انهن جهيڙن جو ڪو خاتمو آڻجي پر اهي سڀ ڪوششون رائيگان ويون آهن. 
اڄ قبيلائي جهيڙن جي خاتمي لاءِ غوثپور شھر اندر پرامن ريلي ڪڍي ويندي هر مڪتبہ فڪر جي دوستن ۽ شهرين  کي سوشل ميڊيا ٽوڙي روايتي طريقن سان شرڪت سڏ ڏنو ويو آهي احتجاج جو سڏ ڏيندڙ نوجوانن جو رڳو اهو مطالبو آهي تہ ڪنڌڪوٽ ضلعي سميت پوري سنڌ مان قبائلي جهيڙن جو خاتمو ڪري امن بحال ڪري ڌرين کي کير کنڊ ڪيو وڃي، يقينن اهو ڪم انتهائي اهميت وارو آهي جو نوجوان اها ضرورت محسوس ڪئي ۽ پنهنجي سر قبائلي جهيڙن جي ناسور جي خاتمي لاءِ ڪوششون وٺي رهيا آهن اهڙن نوجوانن کي جس هجي جو هو امن لاءِ سوچين ٿا.
هوڏانهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ هتان ووٽ وٺي ايوانن ۾ پهتل ڪامورن کي تہ قبائلي جهيڙن جي نالي تي وهندڙ انساني رت جي ڪا اون ئي ناهي هنن ڪڏهن بہ انهن جهيڙن جي خاتمي لاءِ ڪا سنجيدا ڪوشش شايد ڪئي هجي، اسان سمجهون ٿا تہ ڌرتي لاءِ ناسور بڻجي قبائلي جهيڙن جو جلد کان جلد خاتمو آڻي امن جو ٻج ڇٽيو وڃي. 

Comments

Post a Comment

Popular Posts