ساس دادو پاران ناليواري دانشور حاڪم علي شاهہ بخاري سان رهاڻ رچائي وئي


دادو:سنڌي ادبي سنگت ضلع دادو طرفان گورنمينٽ طالب المولي' هاءِ اسڪول دادو ۾ سنڌ جي ناليواري دانشور، اديب محقق ۽ آرڪيالاجسٽ حاڪم علي شاھ بخاري سان شاعري بابت ڪچهري رچائي وئي، ڪچهري  ۾ شاعري جي فن، فڪر ۽ تاريخ تي روشني وڌي وئي، قديم زماني جي شاعري ۽ جديد شاعري جو جائزو ورتو ويو، ان بعد حاضرين  سوال پڻ ڪيا جن جا جواب ڏنا ويا، ڪچهريء کان پوءڀلوڙ شاعر تابش بخاري جي صدارت ۾ مشاعرو بہ منعقد ڪيو ويو، 

جنهن ۾ طارق امام جوڻيجو ڪوٽڙي،  فدا ڪلرائي ڄامشورو، خليل عارف، وفا ياسين آرائين، نياز الاهي ابڙو، گلزار ڪلهوڙو، سجاد يوسف، نظير نياز، شڪور چارڻ،  اعظم ڇڻڪو، حاجن چارڻ، غفار جمالي، عاشق دادوي، رجب آزاد، تابش بخاري شاعري پڙهي خوب داد حاصل ڪيو، ان کانسواءِ ميان محمد پيرزادي، علي شير مستوئي
افضل ڪلهوڙو، گلڻ ڀنڊ، اميد سنڌي، نور محمد سومرو، فرقان حنيف ڪابورو، قائم سيال، ڪامريڊ محمد چنا، ضمير ڪوريجو، رجب راز، جماعت علي چانڊيو،  شعبان اختر، فهد سومرو، غلام قادر لاشاري، وقاص ياسين آرائين ، اظهار ڪلهوڙو ۽ ٻيا شريڪ محفل رهيا.

Comments

Popular Posts