سانگهڙ ويجهو گهر جي ديوار ڪرڻ سبب هڪ ئي گهر جا 3 ڀاتي دٻجي فوت، هڪ زخمي


جهول : لڳ ڳوٺ گهنڊڻ ۾ افسوس ناڪ واقعو،صبح سوير چانھ پيئڻ مهل نئين ٺهندڙ گهر جي جاء جو اوچتو ڀيم ڪرڻ سبب چار گهر ڀاتي دٻجي ويا جنهن جي نتيجي 32 ورهين جي پوپري زال امير بخش چانگ-8 ورهين جي گلستان ڌي پيربخش ۽ 6 ورهين جي گلشن ڌي پيربخش چانگ فوت ٿي وئي ۽ هڪ 12 ورهين جو ڇوڪرو گلزار پٽ پيربخش سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي سول اسپتال سانگهڙ منتقل ڪيو ويو جنهن جي حالت درست ٻڌائي پئي وڃي،ٻئي طرف وارثن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته گهر جي تعمير جو ڪم هلندڙ هيو صبح سوير چانھ پيئڻ مهل ڀيم ڪرڻ سبب هي اتفاقي واقعو پيش آيو آهي

Comments

Popular Posts