اسلام ڪوٽ ۾ ٿر انسٽيٽيوٽ ٽيڪنالاجي ۾ سرٽيفڪيٽ ورھائڻ. جي تقريب


اسلام ڪوٽ:اسلام ڪوٽ ۾ ٿر انسٽيٽيوٽ ٽيڪنالاجي ۾ پرائم منسٽر يوٿ اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام جي فيز 4 بيچ 2 جي سکيا مڪمل ڪندڙ شاگردن ۾ سرٽيفڪيٽ ورھائڻ جي تقريب ڪوٺائي وئي جنھن ۾ سکيا ڏيندڙ استادن ڪمليش ڪمار سني ۽ معزز ماڻھن ۽ اسلام ڪوٽ ميڊيا سينٽر جي صدر سڌير راٺوڙ ۽ صادق بجير شرڪت ڪئي ان موقعي تي  ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي غلام مصطفي درس مينيجر ايم سي بي بئنڪ اسلام ڪوٽ ميڊيا سينٽر جي صدر سڌير راٺوڙ سني شرما ۽ ٻين جو چوڻ ھو ت ٿر انسٽيٽوٽ ٽيڪنالاجي جو منشور آھي ت نوجوانن کي ھن قابل بڻايو وڃي جيئن ھو ھتان سکيا وٺي پنھنجو آساني سان روزگار ڪري سگھن ڏٺو وڃي ت گورنمينٽ ادارن ۾ سفارشي ڪلچر ھجڻ سبب ڊگريون ھوندي ب غريب بي پھچ شاگرد پريشان ھوندا آھن اھڙا شاگرد ھتان سکيا وٺي پنھنجو آساني سان روزگار ڪمائي سگھن ٿا اھا تمام قابل فخر آھي آخر ۾ تقريب جي پڄاڻي تي آيل مھمانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا ۽ شاگردن کي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويا



Comments

Popular Posts