درشهوار سيد جي 21ورسي سن ۾ ملهائي وئي ڀيٽا پيش


ڄامشورو : سن ۾ سائين جي ايم سيد جي ننڍي نياڻي ڊاڪٽر درشهوار سيد جي اڄ ايڪيهين ورسي ملهائي وئي، سيد خاندان طرفان سائين جي ايم سيد جي حويلي تي قرآن خواني ڪئي وئي، بعد ۾ سيد خاندان سندس آخري آرام گاهہ تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهيون ويون، شاهہ حيدر ايجوڪيشن سوسائٽي طرفان ڊاڪٽر ضياء شاهہ جي صدارت ۾ ورسي تقريب  ٿي جنهن ۾ مختلف مقتب فڪر جي ماڻهن شرڪت ڪئي کيس لفظن جي ڀيٽا ڏني وئي، ياد رهي تہ درشهوار سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو رسالو انگريزي ۾ ترجمو ڪيو ۽ 6ڪتاب پڻ کليا. 

Comments

Popular Posts