ایڪسيڊنٽل پرائم منسٽر ڪير آهي، ڀارتي فلم رليز جي تيارين ۾.....!

ڀارت جي اڳوڻي وزير اعظم من موهن بابت ٿيل ڀارتي فلم '' دي ايڪسيڊنٽل پرائم منسٽر'' تيارين جي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي، فلم جو ٽريلر بہ جاري ڪيو ويو آهي فلم ۾ ڀارتي اڳوڻي وزيراعظم من موهن سنگهہ جو ڪردار انپم کير ادا ڪيو آهي، فلم جي ڪهاڻي من موهن سنگهہ جي 4 سال ترجما رهيل سنجيا بارو جي ڪتاب تي ٻڌل آهي، فلم ۾  ڏيکاريو ويو آهي تہ من موهن سنگهہ جو نالو اوچتو وزيراعظم لاءِ ڪيئن آيو ۽ گانڌي خاندان ڪيئن پويان رهجي ويو، فلم ۾ انپم کير من موهن سنگهہ ۽ سندس صلاحڪار سنجيابارو جو ڪردار اڪشي گهنا ادا ڪري رهيو آهي، فلم جي ٽريلر جي رليز جي باري ۾ جيڪو ڏينهن چونڊيو ويو اهو ڀارتي پارٽي انڊين نيشنل ڪانگريس جي يوم تاسين جو ڏينهن آهي جڏهن فلم ريليز جي ڏينهن تي آءِ اين سي جي اڳواڻ ۽ ڀارت جي ٻئي وزيراعظم لال بهادر ساشتري جي ورسي جو ڏينهن 11 جنوري چونڊيو ويو آهي، فلم 11 جنوري تي سينيما گهرن ۾ پيش ڪئي ويندي.

Comments

Popular Posts