پنهون...؟


ڪتاب تي تبصرو
ناول “پنهون” بلوچستان حالتن جو عڪس
پنهون (ناول) ليکڪ منظور ٿهيم
تبصرو  وقاص کوسو
 بلوچستان جيڪو ڌرتي جي ڄمڻ جي ڏينهن کان پنهنجي سيني تي بيٺل  شاندار اونچي ۽ آسمان کي ڇهندڙ پهاڙن ۽ انهن مٿان برساتن کانپوءِ ڦٽندڙ ساوڪ،پنهنجي لباس،رهڻي ڪهڻي ۽ ثقافت جي ڪري الڳ جدا گانه حيثيت رکي ٿو،جيتوڻيڪ هن وقت ان جي سڃاڻپ تبديل ٿي وئي آهي، هاڻي موجوده دور جو نلوچستان باروڊ جي بوءِ ۽ مذهبي ڪٽر پڻي جي ڪري پنهنجي اها حيثيت وڃائي ويٺو آهي پر انهن سمورن لقائن، ثقافت، سياسي،سماجي  ۽ ارتقائي تبديلين کي  قلمي پورهئي ذريعي نچوڙي ناول (پنهون) جي شڪل ڏني وئي آهي،ناول پنهون ليکڪ منظور ٿهيم جي قلم سان سرجي پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچائڻ جو ڪم روشني پبليڪيشن ڪيو آهي،ان اڳ به رائيٽر منظور ٿهيم جي قلم مان نڪتل ناول گذري وئي برسات به مارڪيٽ ۾ اچي چڪو آهي
ناول پنهون ۾ بلوچستان جي پهاڙن،ساوڪ،وادين،موسيقي ۽ ثقافت سوڌو سڀني رنگن کي نچوري ناول جو حصو بڻايو ويو آهي هن ناول ۾ وادي چملانگ جي ذرخير وادي ۽ ان جي ڪالي مندر کان وهندڙ آبشارن جو ذڪر ڪندي ليکڪ اهڙي مهارت کان ڪم ورتو آهي جو هن مان بلوچستان جي ان رنگ جو به پتو پوي ٿو جڏهن ماضي وارو بلوچستان بغير ڪنهن مذهبي متڀيد جي پنهنجي رنگن ۾ رنگيل هوندو هو ته ان واديون به ڪجهه اهڙي ريت لقاءُ ڏينديون هيون،جيتوڻيڪ هن وقت ڪوئيٽا مذهبي مٿڀيد جي اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي جو ڪو به ان مان محفوظ ناهي   ناول ۾ ماڻڪ بند  کي گهيري ويٺل پهاڙن ۽ وڻندڙ نظارن کي ائين بيان ڪيوويو  آهي جو پڙهندڙ پاڻ کي اتي محسوس ڪندو، توڪلي نالي ڪردار ناول جو هيرو چئجي ته به غلط نه ٿيندو،توڪلي جو ڳوٺ ماڻڪ ئي اهو شهر آهي جتي پنهنجي ٿڪاوت کي دور ڪرڻ واسطي پنهون جنهن جي نالي سان ناول جو نالو رکيو ويو آهي،پنهون جيڪو پنهنجي اندر ۾ هڪ پختون،ارادن جو اٽل،بلوچستان جي حقن،انسانن جي آزادي جي ڳالهه ڪندڙ انسان آهي،پنهون انهن ئي خيالن جي ڪري ماڻڪ بند مان گم ٿي وڃي ٿو،سندس دوست جيڪي هن سان گڏ ماڻڪ بند آيل هئا اهي سندس ڪافي ڳولا ڪن ٿا پر هو نه ٿو ملي، بلوچستان جي سرزمين تي حقن ۽ انسان جي آزادي جي ڳالهه ڪرڻ مطلب نانگ تي پير رکڻ برابر آهي،اهي سبب هو جو پنهون گم ٿي ويو، پر ناول ۾  پنهون جي گم ٿيڻ جي ڳالهه لاهور جي نيشنل ڪاليج آف آرٽس تائين پهچي ٿي جتي پنهنجي الڳ حيثيت رکندڙ خديجه ۽ ان جي ساٿين رتنا ۽ طلعت کي پوي ٿي ته هو ته پنهنجي اخلاقي ذميواري سمجهندي بلوچستان پنهون جو ڪيس هر محاذ تي ورهڻ جو اصولي فيصلو ڪن  ٿيون،پوءِ هي ٽئي ڪوئيتا اچي پنهون جي ڪيس هي هاءِ لائِٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون،جيتوڻيڪ هنن ان سڄي ڪم لاءِ ڪيترن ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو،هن ناول جو تحت جيڪڏهن ڪڍجي ته اهو اهو نڪرندو ته ڪيئن بلوچستان ۾ حقن جي ڳالهه،انسان جي آزادي جو تصور ڪرڻ ۽ سرداري جي نظام جي مضبوط ڪري ويٺل اثر رسوخ کي ڏيکاري ويو آهي،ان کان علاوه ناول بلوچستان جي حالتن کي سمجهڻ بهترين ڊاڪيومينٽ آهي،هن ناول ۾ ڄام درڪ،توڪلي،خديجه،رتنا،پروفيسر بهار،پنهون جي بيڻ فري جي ڪيل هڪ ٻئي سان بحث بلوچستران جي حالتن جو پورو عڪس ظاهر ڪري،هن ناول ۾ جي پريس ڪلب تي ڪيل ڪامياب بک هڙتال به معنيٰ خيز آهي،ناول ۾ پنهون جي بازيابي لاءِ ڪيل هر طرح جي جدوجهد، تبديلي جي انتظار ۾ ويٺل ۽ جدوجهد جي ميدان ۾ رهندڙ ڪردارن ۽ ڪارڪنن لاءِ اتسائيندڙ آهي،ناول ۾ جهڙي ريت بحث ڪندي بلوچستان جي حقيقي حالتن کي چٽيو ويو آهي اهو پڙهڻ وٽان آهي، هي ناول پنهون بلوچستان جي حالتن،اتي جي ماڻهن جي سوچن،رشتن جي اهميت،پنهنجي حقن،ثقافت، ڌرتي جي محبت،بلوچستان جي سياسي سماجي حالتن جو بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو، هن ناول جو مهسڳ ۾ لکيل عذيز گوپانگ جي لفظن سان متفق آهي ته هي ناول بلوچستان جي ماڻهن جي ڪيس کي غالمي ضميرن تائين رکڻ ۾ اهم ڊاڪيومينٽ آهيهن ناول جي لکڻين ۾  بلوچستان جي ماڻهن جو احساس، اتي وڌندڙ بيچيني،انسان جي آزادي،سرداري نظام مان جان ڇڏائڻ جي آس  ملندي ڪتان انتهائي اهم ۽ وقت جي نوعيت جي حوالي آهي، ناول جي ڪردارن جي نالن کي نج بلوچستان جي ماڻهن جي نالن سان رکيو ويو آهي ناول ۾ پنهون جي دوستن جا هڪ ٻئي اسان بحث پڙهڻ وٽان آهن.بلوچستان جي حالت تي پرکڻ لاءِ هن ناول جو مطالعو انتهائي ضروري آهي،مان هن ڪتاب جي مطالعي کان پوءِ ڏاڌو متاثر ٿيو آهيان،هن شاندار ناول تي روشني پبليڪيشن ۽ ناول جو سرجڻهار منظور ٿهيم جس لهڻين،         

Comments

Popular Posts