ايبٽ آباد جي فريال سان انصاف ڪريو


اسان جي وچ ۾ اهڙا بگهڙ بہ رهن ٿا جيڪي هر ايندڙ ڪنهن معصوم نياڻي کي پنهنجي حوس جو نشانو بڻائن ٿا.
ايبٽ آباد ۾ وحشي جوابدارن 3 سالن جي معصوم نياڻي فريال کي پنهنجي اغوا ڪري وحشانيت جو شڪار بڻايو. معصوم نياڻي کي اغوا ڪرڻ کان ڏاڍائي جو نشانو بڻائي بعد قتل ڪرڻ واري واقعي منهنجي اندر کي ٻہ حصا ڪري ڇڏيو آهي سمجھ ۾ نہ پيو اچي تہ هن وحشانيت جي ڪيئن ندا ڪجي، ڇا لکجي لفظ ساٿ نہ ٿا ڏين.

هي ڪو پهريون واقعو نہ پيش آيو آهي ان کان اڳ بابا بلي شاھ جي ڌرتي تي 8 سالن جي زينب کي پڻ اغوا ڪري وحشت جو نشانو بڻائي قتل ڪيو ويو هو، اڃا اها ڳالهہ نہ وسري هئي تہ هاڻي وري ايبٽ آباد جي رهواسي فريال کي اغوا ڪري ڏاڍائي جو نشانو بڻائي رستي نيم موت جي حالت ۾ ڦٽو ڪري قتل ڪيو ويو مون سمجهہ ۾ نہ اچو اهڙا وحشي بگهڙ اسان جي وچ ۾ رهي ڪڏهن زينب تہ ڪڏهن فريال جهڙي گلن تي حملو ڪري کين ڪومائي ڇڏين. 
آئون چيف جسٽس، عمران خان ۽ آرمي چيف کان مطالبو ڪيان ٿو ايبٽ آباد جي معصوم فريال جي معاملي جي جاچ ڪرائي وحشي بگهڙن کي ڊي چوڪ تي ڦاسي يا ان کان بہ ڪا وڏي سزا ڏيو تہ جيئن اسان جي وچ ۾ رهندڙ اڃان بہ ڪو ٻيو بگهڙ موجود آهي تہ هو اهڙي ڪڌي حرڪت جي باري ۾ سوچي بہ نہ سگهي. 

Comments

Popular Posts