ايس ٽي پي ڊاڪٽر قادر مگسي جي 56 هين سالگرهہ ملهائي وئي

حيدرآباد:سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهہ ڊاڪٽر قادر مگسي جي 56 هين سالگرهہ ملهائي وئي، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن سالگره جو ڪيڪ ڪٽي ڊاڪٽر  قادر مگسي جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪيو ان سلسلي ۾ مک تقريب حيدرآباد ۾ ترقي پسند هائوس تي ٿي جنهن ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي ڪيڪ ڪٽيو، ان موقعي شاعرن، اديبن، دانشورن، قلمڪار، سول سوسائٽي جي نمائندن، پارٽي اڳواڻ ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو تہ  ايس ٽي پي جي سياست ننگن ۽ دنگن جي محافظ آهي، هن چيو تہ اسان رت جا دريا پار ڪري سنڌ جي بقا جي لاءِ وڙهندي سياسي سفر کي جاري رکيوآهي. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو تہ جن ھٿن سان مونکي اجرڪون اوڍايو ٿا، انھن ئي ھٿن سان سنڌ جي ڪنھن غدار کي اجرڪ نه اوڍائجو.

Comments

Popular Posts