سانگهر گندگي جي وڙچڙهي ويو


سانگھڙ: سانگهڙ جنهن وطن جي ويڙهہ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن مان وطن يا ڪفن جي  نعرن سان  انگريزن سان ويڙهہ ڪئي وئي ، ماضي ۾ اوج ڏسندڙ هن شهر کي ڄڻ نظر لڳي وئي آهي،سانگهڙ شهر تباهي جي ڪناري تي پهچي ويو آهي، ميونسپل انتظاميا جي نااهلي ڪري شهر جي مک گهٽين، بازارن، روڊ، رستن ۽ رهائشي علائقن ۾ گندگي جا دير لڳي ويا آهن، ڊرينيج نظام ناڪاره هجڻ ڪري گٽرن جو پاڻي روڊن تي بيٺل آهي جنهن ڪري شهر بدبو جي وڙ چڙهي ويو آهي،جنهن ڪري شهري اچ وڃ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لڳا، شهري جو چوڻ آهي تہ اسان ميونسپل انتظاميا کي چئي چئي ٿڪجي پيا آهيون پر ڪير بہ شهر جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ تيار نہ آهي، شهري ڪنهن اهڙي مسيحا جا منتظر آهن جيڪو سنڌ جي هن اهم شهر کي پنهنجو اوج موٽائي ڏي. 

Comments

Popular Posts