ٽنڊو ڄام يونيورسٽي جي انٽري ٽيسٽ، 4هزار کان وڌيڪ شاگردن حصو ورتو

حيدرآباد  سنڌ زرعي يونيورسٽي پاران گذريل ڏينهن تعليمي سال 19-2018 لاءِ مختلف شعبن،  شهيد ذوالفقار علي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري، خيرپورڪاليج آف ايگريڪلچر انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجيز، سب ڪئمپس عمرڪوٽ ۾ داخلا لاءِ پبلڪ اسڪول لطيف آباد جي گرائونڊ  ۾ انٽري ٽيسٽ ٿي، جنهن ۾ ڪل 4 هزار 22 شاگرن ۽شاگردياڻين  پنهنجي قسمت آزمائي، 4 هزار اميدوارن 354 شاگردياڻين به پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ڏني، انهن اميدوارن ۾ 2181 پري ميڊيڪل ۽ 1941 اميدوار پري 
انٽري ٽيسٽ ۾7- فيميل بلاڪن سميت ڪل 68 بلاڪ قائم ڪيا ويا هئا، اهڙي ريت سنڌ جي مختلف علائقن مان آيل اميدوارن جي معاونت لاءِ ڪائونٽر به قائم ڪيا ويا، ٽيسٽ  ۾ 100 ايم سي ڪيوز سوالن تي ٻڌل 100 مارڪن وارو سوال نامو ڏنو ويو هو، ان موقعي تي زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي، پنهنجي ڊينز ۽ مختلف تدريسي شعبن جي سربراهن سان قائم ڪيل بلاڪن جو دورو ڪيو ۽ اميدوارن کان ڄاڻ ورتي 

Comments

Popular Posts