تنهنجي ياد جي وري آ..... حيدرآباد ۾ مهان راڳي سرمد سنڌي کي ڀيٽا


حيدرآباد :سنڌ جي امر راڳي سرمد سنڌي جي 22هين ورسي سنڌ صوفي سنگت پاران  قاسم آباد ۾ عقيدت احترام سان ملھائي وئي، تقريب کي تاج جويو، آڪاش ملاح، درشن سچديو،  ساگر عالماڻي، عبدالرحمان پالاري، ڪامران سھتو، اللھ بخش ڪنڀار ۽محبوب ابڙو خطاب ڪيو، مقررن چيو سنڌ صدين تائين پنھجي عاشق پٽ کي ياد ڪندي، جڏھن تہ وقار ملاح ايوب جوڻيجو سرمد سنڌي جا گيت ڳائي محفل جھمائي ڇڏي ان موقعي تي آدرش عرفان،   اويس خاصخيلي، صوفي عمير انيل،  حب علي،  عمران گاڏاھي  علي احمد،  لطيف پالاري، رياض ملاح، پڃل پالاري،  علي حسن ملاح، صوفي نور محمد پالاري،  مٿن ڪمار  ايڊوڪيٽ مسعود سومرو، ستار عالماڻي حفيظ بروھي حسيب لطيفي، مرتضي مير بحر، نجيب پنھور، مدثر مستوئي، غفار پالاري ۽ ٻين صوفي سنگت سھڪاري دوستن شرڪت ڪئي.

Comments

Popular Posts