سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن جو مسئلن جي حل لاءِ احتجاجي مظاهرو


ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽي نيشنل سينٽر آف اينا الاٽي سينٽر ڄامشورو جي ملازمن ۽ آفيسرن جي مسئلن جي حل لاء ملازمن ۽ آفيسرن جوائينٽ ايڪشن ڪاميٽي قائم ڪري ورتي  ڊپارٽمنٽ جاملازم آفيسر توڙي عملدار پنھنجي مسئلن جي حل لاء ڊيوٽين جو بائيڪاٽ ڪري ٻانھن ڪاريون پٽيون ٻڌي سينٽر جي لان ۾ گڏ ٿي مسئلن لاء ڇتي نعريبازي ڪئي،  ڊائريڪٽر شعاب الدين ميمڻ ھٽايو سينٽر بچايو جي سخت نعريبازي مک گيٽ اڳيان ڌرڻ ھنيو ويو، ان موقعي تي ملازمن جو چوڻ هو تہ اسان جي سينٽر جي ملازمن ۽ آفيسرن جا مسئلا فوتي رٽائر ڪوٽه وقت سر ڊي پي سي ھيلٿ انشورنس ڊيلي وجز ملازمن کي پڪو ڪرڻ سينٽر ۾ ڪمن جي مد ۾ ڪيل ڪرپش  جي جاچ گاڏين جي خريداري گاڏين جي ناجائز استعمال ايڊھاڪ رليف جا ايريئرس فورن رليف ڪيا وڃن،  5سال مدو پورو ڪندڙ آفيسرن کي ٽائيم اسڪيل پروموشن ڏنو وڃي مسئلا فوري طور حل ڪيا وڃن، ڪيترائي دفعا سينٽر جي ڊائريڪٽر شھاب الدين ميمڻ سان ملاقات ڪري لکت ۾ ڏنا آھن پر ھو صرف مسئلا حل ڪرڻ بدران ٽال مٽول ڪريرھيو آھي حل ڪرڻ لاء سنجيده ناھي جيستائين مسئلا حل نه ٿيندا ۽ ڊائريڪٽر کي نه ھٽايو ويو ته احتجاج جاري رھندو، جوائينٽ ايڪشن ڪاميٽي وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي ھيڪ کان مطالبو ڪيو آھي ته اسان جي ڪرپٽ ڊائريڪٽر کي ھٽائي مسئلا حل ڪرڻ ڪيا وڃن. 

Comments

Popular Posts