ساڃاهہ وندن پاران نئين سال جي آجيان


ڄامشورو:  سنڌ جي ساڃآھ وندن ـ سياسي ـ سماجي
 اڳواڻن ـ  علمي ادبي ـ سگھڙن ـ شاعرن ـ ليکڪن ـ ڌرتي ڌڻين طرفان سال 2018ع کي الوداع ڪرڻ لاء سنڌو درياء جي پيٽ ڊائون اسٽريم جي پاسي  ھرسال جيان ھن سال به سال 2018ع کي الوداع ڪرڻ لاء سون جي تعداد ۾ گڏ ٿي سج لھڻ محل ميڻ بتيون ٻاري سج کي الوداع ڪيو ويو ۽سنڌو درياء کي گلن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي سنڌو درياء جي بحالي سنڌ جي خوشحالي لاء دعا گھري وئي ـ ان موقعي تي ڌرتي ڌڻين جي اڳواڻن ذوالفقار ھاليپوٽو ـ روشن برھماڻي ـ پروفيسر مشتاق ميراڻي جي ميزباني ھيٺ ھي تقريب ٿي جنھن ۾ سماجي اڳواڻن  سليمان جي ابڙو ـ ذوالفقار قادري ـ  محسن جويو ـ عبدالرزاق عمراڻي ـ مصطفيٰ  ميراڻي ـ محمد اسماعيل ڪنڀر ـ AJP اڳواڻ نظير قريشي ـ شھزادي ڀرڳڙي ـ سماجي اڳواڻ فرزانه ٻرڙو ـ مھيش ڪمار ـ پنھل ساريو ـ سورھيـ سنڌي ـ شاعر ميول سولنگي ـ عباس کوسو ـ ساگر عالماڻي ـ طارق باجاري ـ شاھد لغاري ـ امير حيدر ٻٻر ـ ڊاڪٽر غلام علي ـ ڄاريڪو ـ آغا ظفر ـ محبوب سنڌي ـ قاضي منظر حيات ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ سنڌ جي خوشحالي لاء دعا گھري وئي ـ مقررن جو چوڻ ھيو ته سال 2018ع سنڌ ۾ بک بدحالي سنڌي ماڻھن جي ڏکيائين جو سال ثابت ٿيو ۽ اسان کان ڪافي پنھنجا ساٿي جدا ٿيا ـ ھنن چيو ته اسان ڌڻي در دعا ڪيون ٿا ته نئون سال 2019ع سنڌ جي خوشحالي ـ سنڌو درياء جي بحالي جو سال ثابت ٿئي اسان جي قوم خوشحال ھجي سنڌ مان بک بد حالي ختم ٿئي

Comments

Popular Posts